ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)گادي واري شهر ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن تائين موسم گرم ۽ نم رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب، شهر ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 35 کان 37 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي چيو ته ڪراچي جي هوا ۾ نمي جو تناسب 72 سيڪڙو آهي.موسميات کاتي موجب، شهر ۾ سامونڊي هوائون 20 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن.موسميات کاتي اهو به چيو ته ڪراچي ۾ ڪالهه گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 29 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.










