ڪراچي جو موسم گرم،وقفي سان تيز هوائون هلڻ جو امڪان

ڪراچي جو موسم گرم،وقفي سان تيز هوائون هلڻ جو امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ هن وقت گرم ۽ خشڪ موسم آهي، وقفي وقفي سان تيز هوائون به هلڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب، ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي.شهر ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 35 کان 37 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.گذريل 24 ڪلاڪن ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 26.2 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.ڪراچي ۾ 15 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان سامونڊي هوائون هلي رهيون آهن، جنهن ۾ نمي جو تناسب 77 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو