اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) موسمياتي تبديلي جي وفاقي وزير مصدق ملڪ جو چوڻ آهي ته ڪجهه طبقن کي سستي بجلي، گئس ۽ ٽيڪس ۾ ڇوٽ ڏيڻ جو رجحان بند ٿيڻ گهرجي.پاڪستان پاليسي ڊائيلاگ کي خطاب ڪندي مصدق ملڪ چيو ته برآمدات ۾ واڌ پائيدار ترقي آهي، حڪومتي ڪوششن جي ڪري معاشي اشارا بهتر ٿيا آهن، خوشحالي جو واحد رستو پيداوار وڌائڻ آهي، ماحول دوست معاشي ترقي وقت جي ضرورت آهي.هن چيو ته ترقي تڏهن ئي ايندي جڏهن هر شهري کي ڪم جا برابر موقعا فراهم ڪيا ويندا، پاڪستان ۾ خوشحالي جو رستو صرف طاقت ۽ اثر و رسوخ تائين رسائي بڻجي ويو آهي.هن چيو ته خانگي شعبي جو ملڪ جي معيشت ۾ اهم ڪردار آهي، ۽ ترقي تڏهن ٿيندي جڏهن هر شهري کي ڪم ڪرڻ جا برابر موقعا ملن.وفاقي وزير مصدق ملڪ وڌيڪ چيو ته رياست کي ڪاروبار هلائڻ بدران سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، نجڪاري هڪ نظرياتي منصوبو ناهي، اهو مارڪيٽ جي ناڪامين کي درست ڪرڻ جو هڪ طريقو آهي.










