ڪامريڊ سهتي جو مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي، تعزيت جاري

ڪامريڊ سهتي جو مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي، تعزيت جاري

نوشھرو فيروز (رپورٽ منظور ملڪ) نامياري اڳواڻ ۽ سنڌ جي انا هزاري طور سڃاتو ويندڙ ڪامريڊ غلام الرسول سهتو کي آلين اکين سان محرابپور لڳ ابڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. مرحوم ڳچ عرسي کان بيمار هو ۽ حيدرآباد ۾ سندس علاج هلندڙ هو جتي ڇنڇر تي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو هو. هو سنڌ ھاري ڪاميٽي  ڪميونسٽ پارٽي جيئي سنڌ محاذ جو متحرڪ ڪردار رهيو. ڪامريڊ غلام رسول سھتوجنھن سڄي زندگي مظلوم طبقن ۽ محڪوم قومن جي آزادي لاء جدوجھد ڪئي، تنهن جي آخري رسمن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي کاٻي ڌر جي ڪارڪنن ۽اڳواڻن شرڪت ڪئي. جن ۾ جيئي سنڌ محاذ جي ھاشم کوسو سنڌ ڊووٽرس فورم جي مسرور چانڊيو حبيب ملڪ بلوچستان جي رحيم بخش جعفري امداد چانڊيو يونس مھر مھيش ڪمار منظور ملڪ عرس سيلرو قادربخش سيلروعبداش پنھور صالح بلو اسرارلانگاھ بھادر لانگاھ ٻين ڪارڪنن ۽ اڳواڻن وڏي ٿعداد ۾ شرڪت ڪئي. سندس پونئرن سان تعزيتي سلسلو جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو