گورنر سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ٻيو خط لکي ڇڏيو

گورنر سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ٻيو خط لکي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي قائم مقام چيف جسٽس کي ٻيو خط لکي ڇڏيو. خط ۾ سنڌ جي گورنر چيو ته شهر ۾ انتظامي لاپرواهي ۽ قانون جي ڀڃڪڙي حادثن جو سبب آهن، هڪ ئي ڏينهن ۾ چار شهري فوت ٿيڻ هڪ سنگين مسئلو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ واضح طور تي فيصلو آهي ته صبح 7 وڳي کان رات 11 وڳي تائين شهر ۾ وڏي ٽرئفڪ داخل نه ٿي سگهي. هن حڪم جي باوجود ان تي عمل درآمد ۾ تسلسل جي کوٽ بابت شڪايتون مسلسل وڌي رهيون آهن. مون کي اميد آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ان حوالي سان پنهنجي حڪمن تي عمل درآمد کي يقيني بڻائيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو