ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنالن خلاف عوامي تحريڪ جي ريلي

ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنالن خلاف عوامي تحريڪ جي ريلي

گولاڙچي (ن س ) ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڇهه نون ڪئنالن خلاف عوامي تحريڪ طرفان گولاڙچي ۾ احتجاجي ريلي ڪئي وئي، گولاڙچي بدين روڊ تي ڌرڻو هڻي، روڊ بلاڪ ڪيو ويو، ٽرئفڪ معطل. سنڌ جي زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ ۽ سنڌو درياهه جا وهڪرا بحال رکڻ جي مطالبن جا پلي ڪارڊ کڻي عورتون ۽ ٻارڙا به ريلي ۾ وڏي انگ ۾ شريڪ. ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي اڳواڻ لال جروار، ڊاڪٽر دلدار لغاري عوامي تحريڪ ضلعي بدين جي صدر مهراڻ درس، جاکرو نوحاڻي، محمد علي ٽالپر، ايڊووڪيٽ اياز صالح پليجو، دلدار نوحاڻي، جميل ملاح ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي. ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنين کي زمينون ڏيڻ لاءِ احمد راڄو جي ڳوٺاڻن کي لڏايو پيو وڃي، انهن متاثر ڳوٺاڻن ۽ ايس يو پي جي مرڪزي نائب صدر امير آزاد پنهور پڻ ريلي ۾ شرڪت ڪئي. ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته مراد علي شاهه احسن اقبال سان گڏجي ڪئنالن خلاف جدوجهد ڪندڙ قومپرستن خلاف مهم هلائي رهيو آهي، مراد علي شاهه چئي ٿو ته ڪئنالن کي ڪنهن به فورم تي رد ڪري سگهون ٿا ته پوءِ هو رد ڇو نٿو ڪرائي؟ پيپلز پارٽي ڪئنالن خلاف سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ قرارداد منظور ڇو نٿي ڪرائي؟ احسن اقبال اڳ ۾ به ڪئنال ٺاهڻ جون ڌمڪيون ڏئي چڪو آهي، هاڻي به مراد علي شاهه سان گڏجي ڪئنال ٺاهڻ جا اعلان ڪري رهيو آهي. واپڊا چيئرمين انڪشاف ڪري چڪو آهي ته مراد علي شاهه جي حمايت سان ڇهه نوان ڪئنال سي سي آءِ مان منظور ٿي چڪا آهن، مراد علي شاهه واپڊا چيئرمين جي بيان جي تصديق يا ترديد ڇو نٿو ڪري، مراد علي شاهه جي مجرماڻي ماٺ ٻڌائي ٿي ته سنڌ سرڪار ڪئنالن جي معاملي تي مريم سرڪار جي غلامي ڪري رهي آهي. مراد علي شاهه سنڌ جي نمائندگي ڪرڻ بدران مريم نواز جي ترجماني ڪري رهيو آهي. ڪڇي ڪئنال جو افتتاح ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ پيپلز پارٽي جي قيادت به شرڪت ڪئي. چولستان ڪئنال جو ڪم هلندڙ آهي، مريم نواز هڪ اداري جي سربراهه سان گڏجي چولستان ۾ گرين پاڪستان منصوبي جو افتتاح به ڪيو پر ان باوجود مراد علي شاهه چئي ٿو ته ڪئنال ڪو نه ٺهندا، پيپلز پارٽي منجهائيندڙ بيانبازي ڪري سنڌي عوام جي پرامن جمهوري جدوجهد کي سبوتاز ڪرڻ جي سازش ڪري رهي آهي. سنڌو تي پنجاب جي ڌاڙن ۾ پيپلز پارٽي ملوث آهي، ڪئنالن جي حمايت ۾ مراد علي شاهه ۽ احسن اقبال جي گڏيل پريس ڪانفرنس ثابت ڪيو ته سنڌو تي ڌاڙن ۾ پيپلز پارٽي وفاقي سرڪار جي ڪرائيم پارٽنر آهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته مراد علي چئي ٿو ته “91ع جي ٺاهه ۾ سمورن صوبن جي حصي کي تحفظ مليل آهي، سوال ئي پيدا نٿو ٿئي ته سنڌ جي حصي جو پاڻي ڪو ٻيو صوبو کڻي.” ست ڪروڙ سنڌي مراد علي شاهه کان پڇن ٿا ته 91ع جي ٺاهه موجب ڪوٽڙي بئراج ڊائون اسٽريم ۾ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ لازمي آهي پر ٻوڏ کانسواءِ ڪوٽڙي بئراج ۾ هڪ ڦڙو به نٿو اچي، ڪوٽڙي بئراج جي حصي جو پاڻي چشما_جهلم ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪئنالن ۾ ڇوڙ ڪري اڳ ۾ ئي سنڌ جي حصي جي پاڻيءَ مان پنجاب جون زمينون آباد ٿي رهيون آهن. سنڌ حڪومت ٽي پي ۽ سي جي ڌاڙيل ڪئنال کي بند ڪرائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو، مٿان وري ڇهه ڪئنال ٺاهي سنڌ جو سمورو پاڻي ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپين کي وڪرو ڪري ست ڪروڙ سنڌين جي نسل ڪشي جي منصوباندي ڪئي وئي آهي. مراد علي شاهه چئي ٿو ته پاڻي سياسي نه پر فني مسئلو آهي، اسين کيس ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته پاڻي سياسي، فني ۽ معاشي مسئلي سان گڏ ست ڪروڙ سنڌين جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، سنڌ جي تهذيب سنڌو درياهه جنم ڏني سنڌو جو قتل ڪري پيپلز پارٽي 5 هزار سالا پراڻي سنڌ جي تهذيب تي وار ڪيو آهي، پيپلز پارٽي ڇهه نون ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي حمايت ڪري سنڌي قوم سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي، پيپلز پارٽي جنرل ضياءَ، ايوب ۽ مشرف کان وڌيڪ سنڌ کي نقصان ڏنو آهي، هاڻي سنڌي قوم سجاڳ ٿي رهي آهي، پيپلز پارٽي کان سنڌ جي زمينن، وسيلن ۽ پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي جو حساب وٺبو. هن چيو ته سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏيارڻ لاءِ پرامن احتجاج ڪندڙن کي مراد علي شاهه چئي ٿو ته قانون هٿ ۾ ٿا کڻن اسين مراد علي شاهه کي چئون ٿا ته آئين پڙهي، آئين موجب پرامن احتجاج سمورن شهرين جو بنيادي حق آهي، پر پيپلز پارٽي سنڌ ۾ بدترين آمريت مڙهي ڇڏي آهي، انڪري پرامن احتجاجن خلاف مهم هلائي پوءِ احتجاجن تي تشدد ڪرڻ جي سازش ڪري رهي آهي، ان سلسلي ۾ بلاول 26هين آئيني ترميم منظور ڪرائي عدليا کي قيد ڪيو ۽ پيڪا ايڪٽ ترميم ذريعي ميڊيا کي پڻ قيد ڪيو ويو آهي پر سنڌ جو عوام پيپلز پارٽي جي ان ملڪ دشمن سازش کي ناڪام بڻائي سنڌو درياهه جي وهڪرن جي بحالي لاءِ جدوجهد جاري رکندو ۽ ڇهه نون ڪئنالن جي منصوبن کي به ڪالا باغ ڊيم جيان دفن ڪبو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو