ڪارساز حادثو: نتاشا کي نئين ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ جي اجازت

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) جوڊيشل مئجسٽريٽ شرقي جي عدالت ڪارساز حادثي ڪيس جي مقتوله عورت نتاشه کي نئين ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. جوڊيشل مئجسٽريٽ شرقي جي عدالت نئين ڪيس ۾ مقتوله عورت جي گرفتاري ۽ جاچ ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، پوليس جي درخواست تي عدالت مقتوله کي نئين ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. عدالت سينئر سپرنٽينڊنٽ وومين جيل کي حڪم جاري ڪري ڇڏيا، عدالت حڪم ڏنو ته جاچ آفيسر محمد شاڪر کي مقتوله عورت کان سج لهڻ کان اڳ جاچ جي اجازت آهي. عدالت چيو ته ڊاڪٽر زينب ارشد مقتوله عورت جي حتمي ميڊيڪل رپورٽ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ تصديق ڪئي وئي آهي ته مقتوله عورت جي جسم ۾ آئس نشي جا ذرات مليا آهن، ميڊيڪل رپورٽ جي روشني ۾ مقتوله جي خلاف نئون ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جاچ آفيسر کي مقتوله عورت کي گرفتار ڪرڻ ۽ جاچ ڪرڻ جو مڪمل اختيار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو