ڪئناڊا ۽ انڊيا هڪ ٻئي جي سفارتڪارن کي نيڪالي ڏئي ڇڏي

ڪئناڊا ۽ انڊيا هڪ ٻئي جي سفارتڪارن کي نيڪالي ڏئي ڇڏي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ)ڪينيڊا ۽ ڀارت هڪ ٻئي جي سفارتڪارن کي ملڪ مان ڪڍي ڇڏيو.ڪينيڊا ۾ سک اڳواڻ هرديپ سنگهه جي قتل جي جاچ ۾ ڀارتي سفير جو نالو شامل ڪرڻ تي سفارتي تڪرار وڌي ويو آهي.ڪينيڊا ڀارتي هاءِ ڪمشنر سميت 6 سفارتي اهلڪارن کي ڀارتي حڪومت جي تشدد واري مهم سان لاڳاپو رکڻ تي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو آهي.ڪينيڊين پوليس جو چوڻ آهي ته اهڙا ثبوت مليا آهن ته ڀارتي سفارتڪار پنهنجي سرڪاري حيثيت جو فائدو وٺي ڳجهي سرگرمين لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.جواب ۾ ڀارت ڪينيڊين هاءِ ڪمشنر سميت 6 ڪينيڊين سفارتڪارن کي ملڪ بدر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ڀارت ڪينيڊين سفارتڪارن کي ملڪ ڇڏڻ لاءِ 19 آڪٽوبر تائين مهلت ڏئي ڇڏي آهي.نئين دهلي ۾ ڪينيڊا جي پرڏيهي آفيس کي فون ڪري احتجاج پڻ رڪارڊ ڪرايو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو