پاڻي جي ورڇ منصفاڻي بڻايو، چولستان سميت نوان ڪينال ٺاهڻ بند ڪريو

پاڻي جي ورڇ منصفاڻي بڻايو، چولستان سميت نوان ڪينال ٺاهڻ بند ڪريو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي سنڌوءَ مان چولستان سميت ڇهن ڪئنالن جي اڏاوت کي غيرقانوني قرار ڏيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران پيش ڪيل ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو. سنڌ حڪومت چولستان سميت پنجاب ۾ تعمير ٿيندڙ نوان ڪئنال ٺاهڻ بند ڪريو. نون ڪينالن واري منصوبو 1991ع واري پاڻي جي ٺاهه جي ڀڃڪڙي آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پيش ڪيل ٺهراءَ ۾ چيو آهي ته سنڌ جي پاڻيءَ جي حقن تي ڌاڙو قبول نه ڪيو ويندو.سندس چوڻ هو ته نون ڪينالن جو منصوبو سنڌ جو پاڻي وارو حق کسڻ جي ڪوشش آهي، 1991ع واري پاڻي معاهدي تي مڪمل عمل ڪيو وڃي.وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ اسيمبلي کي وفاق ۽ ارسا معاهدي موجب پاڻي جي ورڇ يقيني بڻائڻ جي اپيل ڪندي چيو ته نون ڪينالن واري منصوبي سان سنڌ ۾ ماحولياتي بحران جو خدشو آهي.هن ٺهراءَ ۾ موقف اختيار ڪيو ته پاڻي جي کوٽ سان زرعي پيداوار، معيشيت ۽ عوام جي روزاني جي زندگي متاثر ٿيندي، سنڌو درياهه جي پاڻي جو حق کسڻ تي ڪوبه ٺاهه نه ڪيو ويندو.سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته چولستان ڪئنال سميت ٻين ڪئنالن جي اڏاوت ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، عوام جي حقن جو هر سطح تي دفاع ڪيو ويندو، سمورن صوبن ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ بابت فوري ڳالهيون ڪيون وڃن.هن چيو ته پاڻي جي وسيلن تي غير منصفاڻو ڪنٽرول منظور ناهي، ڪنهن به غيرقانوني پاڻي جي ورڇ خلاف عوامي مزاحمت ڪئي ويندي.سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جو عوام پنهنجي پاڻي جي حقن تي سوديبازي نه ڪندو، سنڌ جي پاڻي جي حقن کسڻ جي هر ڪوشش جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.ان موقعي تي صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته سنڌ جي واحد پارٽي پاڻي منصفاڻي جي ورهاست، سنڌ جي هر ڳالهه تي عوام جي مسئلن تي آواز اٿاريو.ڄام خان شورو جو چوڻ هو ته هميشه ڪالا باغ ڊيم جي خلاف قرار داد پيش ڪيو ۽ ان لاءِ دفن ڪيو جڏهن ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ٿل گريٽر ڪنال ڏيڻ لاءِ پيش ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو