کپرو(ن س) امام حسين ۽ سندس ساٿين شهادت جي چاليهي جي موقعي تي فرقيوارڻي فساد ۾ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ايس ايس پي عابد بلوچ موجب پابندي مڙهيل تنظيم بنا اجازت مجلس بعد جلوس ڪڍيو ۽ نعريبازي ڪئي ته ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. هڪٻئي تي پٿراءَ ۽ لٺين سان ڪيل حملن ۾ 8 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جو اطلاع آهي. اڳ ۾ ڪڏهن به مجلس بعد جلوس ڪڍڻ جي روايت ناهي رهي، ڌرين کي پرامن رهڻ جو چتاءُ ڏنو آهي جنهن به اڳرائي ڪئي ان خلاف ڀرپور ڪاروائي ڪبي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته شهر ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي شهرين ۾ خوف ڇائنيل آهي.
