کوسا پاران شڪريو ۽ وڏ وزارت کان معذرت

کوسا پاران شڪريو ۽ وڏ وزارت کان معذرت

لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي نگران وڏي وزير لاءِ عمران خان ۽ چوڌري پرويز الاهي جي نامزد ڪيل ٽن نالن مان هڪ ناصر محمود کوسا عهدو قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته ناصر کوسا جي قابليت، اصول ۽ ديانت ۾ ڪو شڪ ناهي، بيوروڪريٽ طور سندس ڪردار فخر جوڳو آهي. خواجا آصف چيو ته اسان ناصر محمود کوسا سان رابطو ڪيو ته نگران وڏي وزير جو عهدو پارٽين جي اتفاق راءِ سان قبول ڪيو وڃي پر هن ان تجويز تي اتفاق نه ڪيو. عمران خان 2018 ۾ ناصر محمود کوسا جو نالو ڏنو هو ۽ هن ان وقت به معذرت ڪئي. ناصر محمود کوسا نامزدگي تي سڀني پارٽين جو ٿورو ادا ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو