کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ فائرنگ، 3 ڄڻا مارجي ويا

کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ فائرنگ، 3 ڄڻا مارجي ويا

دوداپور:(ن س) دوداپور ڀرسان ميرانپور واري علائقي ۾ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙي جي نتيجي ۾ هٿياربندن جي ڪار مٿان فائرنگ سبب 3 ڄڻا مارجي ويا آهن، جڏهن ته واقعي جو ڪارڻ معمولي تڪرار ٻڌايو پيو وڃي.ميرانپور واري علائقي ۾ نامعلوم هٿياربندن ڪار تي جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار 3 ڄڻا ٿڏي تي ئي مارجي ويا.هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويلن جي سڃاڻپ، معشوق کوسو، رحيم بخش کوسو ۽ ظھور کوسو طور ڪئي وئي آهي، واقعي کان پوءِ علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو آهي، اهڙي اطلاع ملڻ تي ميرانپور پوليس واقعي واري هنڌ رواني ٿي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو