ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير صنعت ۽ واپار ڄام اڪرام الله ڌاريجو جي صدارت هيٺ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ هڪ اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري صنعت ۽ واپار محمد ياسين شر بلوچ، ايم ڊي سائيٽ عارف زيدي، ايم ڊي سنڌ سمال انڊسٽريز ڪارپوريشن ثروت فهيم ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا. اجلاس ۾ 2024-25 جي سالياني ترقياتي اسڪيمن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سائيٽ جي 9 اسڪيمن، سنڌ سمال انڊسٽريز ڪارپوريشن جي 11 ۽ پرنٽنگ ۽ اسٽيشنري ڊپارٽمينٽ جي هڪ اسڪيم جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي صوبائي وزير صنعت ۽ واپار ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته ترقياتي منصوبن کي وقت تي مڪمل ڪيو وڃي. جيڪي آفيسر پنهنجي فرضن ۾ غفلت ڪن ٿا ۽ غير ذميواري جو مظاهرو ڪن ٿا انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته سنڌ سمال انڊسٽريز ڪارپوريشن جي تحت قائم ڪيل زونن جي چوڌاري چار ڀتيون پڻ قائم ڪيون وڃن. ترقياتي منصوبن جي مڪمل ٿيڻ ۾ معيار ۽ شفافيت برقرار رکي وڃي. صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير ايم ڊي سائيٽ ۽ ايم ڊي سنڌ سمال انڊسٽريز ڪارپوريشن کي صنعتي زونز جو باقاعدگي سان دورو ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي.










