ڦر دوران مزاحمت تي قتل، ايس ايڇ او معطل، جاچ جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)عيد جي موقعي تي به ڪراچي ۾ ڦر جا واقعا پيش آيا، پوليس جو چوڻ آهي ته گذريل رات گلشن اقبال ۾ هڪ شخص اي ٽي ايم مان ٻاهر اچي رهيو هو ته ڦورن کيس گهيري ورتو ۽ مزاحمت تي قتل ڪري ڇڏيو. مقتول جي سڃاڻپ تراب زيدي طور ٿي آهي. مقتول جي ماسڙ جي فرياد تي گلشن اقبال ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر موجب 4 اڻڄاتل جوابدارن مقتول ۽ سندس دوست فيصل پرويز کان ڦر ڪئي، جوابدار مقتول جي دوست جو موبائل فون پڻ کڻي ويا ۽ فرار ٿي ويا. واقعو ميڊيا ۾ اچڻ بعد سنڌ جي گهرو وزير ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايس ايڇ او گلشن اقبال کي فوري طور معطل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ضياءُ لنجار ايس ايس پي اوڀر کي واقعي جي جاچ ڪرڻ ۽ جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو. ٻئي طرف ناظم آباد، ماڙيپور ۽ ڪورنگي ۾ ڦر دوران مزاحمت دوران فائرنگ ۾ هڪ پوليس اهلڪار سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو