سيئول(ويب ڊيسڪ)ڏکڻ ڪوريا جي صدر ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته 300 ميمبرن واري پارليمان مان 190 ووٽن سان صدر جو حڪم رد ڪري ڇڏيو آهي. قوم کي خطاب ڪندي ڏکڻ ڪوريا جي صدر يون سڪ يول چيو ته اپوزيشن جي رياست مخالف سرگرمين سبب مارشل لا لاڳو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اتر ڪوريا ڏانهن مائل اپوزيشن پارليامينٽ جي ڪنٽرول ۾ آهي. ڏکڻ ڪوريا جي صدر اپوزيشن ڊيموڪريٽڪ پارٽي پاران بجيٽ رد ڪرڻ سميت قانون سازي جون حڪومتي ڪوششون رد ڪيون هيون ۽ انهن جي تازي قدمن جي ڪري اهو فيصلو ڪيو ويو، اپوزيشن کي پارليامينٽ ۾ اڪثريت حاصل آهي. حڪومتي بجيٽ کي رد ڪرڻ ۽ ملڪ جي ڪجهه اعليٰ پراسيڪيوٽرن جي احتساب ڪرڻ لاءِ تحريڪ پيش ڪئي، ڏکڻ ڪوريا جي خبر ڏيندڙ اداري موجب اپوزيشن ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي سربراهه مارشل لا لاڳو ڪرڻ کي غير آئيني قرار ڏيندي چيو آهي ته پارليامينٽ ان فيصلي کي رد ڪندي.ٻئي طرف نيوز ايجنسي طرفان ٻڌايو ويو آهي ته پوليس ڏکڻ ڪوريا جي پارليامينٽ ۾ داخل ٿيڻ جا رستا بند ڪري ڇڏيا آهن ۽ ميمبرن کي پارليامينٽ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو آهي. ياد رهي ته ڇکڻ ڪوريا جي تاريخ م اڪثر ڊڪٽيٽرن جي حڪمراني رهي آهي ۽ 1980 ۾ آخري ڀيرو مارشل لا لڳو هو جيڪو فوري ختم ٿيڻ بعد هي ملڪ جمهوريت پسند ليکبو آهي.










