ڏکڻ وزيرستان ۾ پوليو ٽيم تي حملو، ڪانسٽيبل شهيد

ڏکڻ وزيرستان ۾ پوليو ٽيم تي حملو، ڪانسٽيبل شهيد

وارسڪ: (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ وزيرستان ۾ پوليو کان بچاءُ واري ٽيم تي حملي ۾ هڪ پوليس ڪانسٽيبل شهيد جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو.رپورٽ موجب پوليو کان بچاءُ واري ٽيم تي حملي جو واقعو ڏکڻ وزيرستان جي علائقي اعظم وارسڪ ۾ پيش آيو سينٽرل پوليس آفيس حملي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.پوليس موجب دهشتگردن پوليو کان بچاءُ واري ٽيم ۽ ان جي سيڪيورٽي تي مقرر پوليس ٽيم تي ڳرن هٿيارن سان حملو ڪيو جنهن تي پوليس جوابي فائرنگ ڪئي اهو مقابلو اڌ ڪلاڪ تائين جاري رهيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو، ٻيا فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، دهشتگردن جي فائرنگ سبب هڪ ڪانسٽيبل شهيد ٿي ويو.پوليس موجب مارجي ويل دهشتگرد جي سڃاڻپ افنان جي نالي سان ٿي جنهن جي قبضي وٽان 2 سڃاڻپ ڪارڊ، 3 اي ٽي ايم ڪارڊ ۽ موبائل فون هٿ آيو جڏهن ته فرار ٿيل دهشتگردن جي قبضي مان هڪ ايس ايم جي راڪيٽ لانچر ۽ 2 موٽر سائيڪلون هٿ ڪيون ويون آهن.ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف واقعي جي مذمت ڪندي ڪانسٽيبل جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي وزيراعظم زخمين کي فوري طبي امداد ڏيڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي.وزيراعظم چيو ته پوليو کان بچاءُ واري مهم جي ڪارڪنن ۽ ان جي تحفظ لاءِ مقرر اهلڪارن تي حملو ڪندڙ دهشتگرد انسانيت ۽ قوم جا دش۾ن آهن. معصوم شهرين جي جان ۽ مال کي نقصان پهچائيندڙ انسانيت جا دشمن آهن جن کي ڪيفير ڪردار تائين پهچائينداسين. هن عوام کي اپيل ڪئي ته اهڙن عناصرن جي دٻاءُ ۾ نه اچن، پوليو جي خلاف مهم جاري رکي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو