ڏکڻ آفريڪا ڀارت کي ٻي ون ڊي شڪست ڏئي ڇڏي

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ)ڏکڻ آفريڪا ڀارت کي سيريز جي ٻي ون ڊي ميچ ۾ 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.ڀارتي ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي 47 هين اوور ۾ 211 رنسون ٺاهيون.ڏکڻ آفريڪا هدف آسانيءَ سان 42.3 اوورن ۾ حاصل ڪري ورتو، ٽوني ڊي زورزي 119 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، سندس اننگز ۾ 6 ڇڪا ۽ 9 چوڪا شامل هئا.رضا هينڊرڪس 52 ۽ وان ڊير ڊاسن 36 رنسون ٺاهيون.ڀارت طرفان سيد هرسن 62 ۽ ڪپتان ڪي ايل راهول 56 رنسن جي اننگز کيڏي.واضح رهي ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز هڪ هڪ تان برابر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو