لاڙڪاڻو بورڊ، مئٽرڪ جو زرلٽ اڄ شام پڌرو ڪيو ويندو، ترجمان

لاڙڪاڻو بورڊ، مئٽرڪ جو زرلٽ اڄ شام پڌرو ڪيو ويندو، ترجمان

لاڙڪاڻو ( پ ر)لاڙڪاڻو بورڊ آف انٽرميڊيئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڏهين ڪلاس جي سائنس،جنرل ۽ اوريئينٽل گروپن جو زرلٽ بوقت 5 بجي شام 2025-07-29 جو پڌرو ڪيو ويندو،شاگرد تفصيلي زرلٽ بورڊ جي ويب سائيٽ www.biselrk.edu.pk تي ڏسي سگهن ٿا، ان حوالي سان ڪا به شڪايت يا درخواست محترم محمد رمضان جمالي،ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن وٽ جمع ڪرائن يا پوسٽ ذريعي موڪلي ڏين. اهڙي درخواست يا شڪايت grievanceredressallcell@gmauil.com ذريعي به موڪلي سگهجي ٿي،سندن جي شڪايت جو ازالو يقيني بڻايو ويندو ٻيو ته زرلٽ جي اسڪروٽني يا ريڪائونٽنگ لاءِ هن سال ڪابه فيس نه ورتي ويندي،اهڙي پڌرائي چيئرمين جي هدايت تي جاري ڪئي وئي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو