ٽنڊو محمد خان (ن سنڌيار)جئي سنڌ محاذ ٽنڊو محمد خان پاران بااثر زميندار ۽ بلڙي شاھ ڪريم پوليس پاران ڌرتي ڌڻين بچا برادري جي گھرن تي رات جي اونداھي ۾ پوليس چڙھائي ڪرڻ ۽ زمين تي قبضي خلاف پريس ڪلب سامھون احتجاجي مظاھرو جئي سنڌ محاذ جي ضلعي صدر زاھد جسڪاڻي ؛ ايوب ڪوريجو شاھنواز گورياڻي جسقم اڳواڻ جاويد ھاليپوٽو منور سومرو ؛ صوفي حامد ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ڪجھ ڏينھن پھرين بلڙي شاھ ڪريم پوليس وڏا اٽالا ساڻ ڪري رات جي اونداھي ۾ بچا برادري جي گھرن تي چڙھائي ڪري چادر ۽ چوديواري جي تقدس کي پائمال ڪيو ۽ بچا برادري جي عورتن ۽ ٻارن تي سخت تشدد ڪري گهرن جي لوڙھن کي باهي ڏني وئي باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ چئن سالن جي سنيا ۽ ٻن سالن جي اقراه سميت عورتون زخمي ٿي پيون هيون اڳواڻن چيو ته واقعي جو ڪيس وري بچا برداري جي عورتن سميت نوجوانن مٿان ٽي ايف آئي آرون داخل ڪيون ويون آھن جيڪو مذمت جوڳو عمل آھي اڳواڻن چيو ته سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا اسين آئي جي سنڌ ؛ ڊي آئي جي حيدرآباد ؛ ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان ۽ انساني حقن واري تنظيمن کان مطالبو ٿا ڪريون ته واقعي جي شفاف انڪوائري ڪري بااثر زميندار ۽ تر جي پوليس خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي نه ته اسانجو ھي احتجاجي مظاھرن جو سلسو جاري رھندو










