ڌاڙيلن ۾ جهيڙو، جاڳڻ جتوئي ٻن ڀائرن سوڌو مارجي ويو،5 زخمي

سکر (امداد علي ڪلوڙ) باگڙجي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن جي ٻن گروپن ۾ جيھڙو بدنام ڏوھاري جاڳڻ جتوئي ٻن ڀائرن قربان جتوئي ۽ بخشل جتوئي سميت مارجي ويا. جڏھن ته پنجن ڏوھارين جي زخمي ٿيڻ جا به اطلاع مليا آھن باگڙجي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي منتقل ڪيا آھن جڏھن ته ضروري ڪاروائي بعد لاش سندس وارثن حوالي ڪيا ويندا. پوليس جو چوڻ آھي ته ڌاڙيلن جي ٻن گروپن جاڳڻ جتوئي ۽ شفيق جتوئي وچ ۾ جيھڙو ٿيو جنھن دوران جاڳڻ جتوئي ۽ سندس ٻه ڀائر گوليون لڳڻ سبب مارجي ويا آھن جڏھن ته ڪجھه ڌاڙيلن زخمي به ٿيا آهن. مارجي ويل ڌاڙيل جاڳڻ جتوئي تي سنڌ سرڪار پاران 20 لک انعام رکيل ھو . ياد رھي ته باگڙجي جو ڪچو ڌاڙيلن  جي پناهه گاهه آهي. سکر پوليس به آپريشن نٿي ڪري سگھي بيوس آھي ڏوھاري آساني سان ڏوھ ڪري باگڙجي جي ڪچي ۾ ھليا ويندا آھن آساني سان انھي ڪچي جي ڌاڙيل ڪجھه سال اڳ ايس ايڇ او کي شھيد ڪيو ھو ۽ اغوا ڦر جا واقعا معمول بڻيل آھن  پوليس ۾ نالو ڪمائيندڙ  پوليس آفيسر ايس ايس پي سيد پير محمد شاھ به ڪجھه سال اڳ مقرري دوران آپريشن ڪيو هو  پر جاڳڻ جتوئي جي ٽولي خلاف ڪامياب ٿي نه سگھيو ھو.

پهنجو تبصرو موڪليو