ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن جي فورتھ فيز جي بجلي بحال

ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن جي فورتھ فيز جي بجلي بحال

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪي اليڪٽرڪ ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن جي فورتھ فيز جي بجلي بحال ڪري ڇڏي، ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب ڪي اليڪٽرڪ 60 ڪلاڪن جي لڳاتار ڪوششن کانپوءِ فورتھ فيز جي مڪمل بجلي بحال ڪئي، ڪي اليڪٽرڪ گذريل رات 12 وڳي 30 منٽن تي فورتھ فيز جي بجلي بحال ڪئي، بجلي بحال ٿيڻ کانپوءِ ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي معمول مطابق شروع ڪئي وئي آهي، واضح رهي تہ 5 نومبر، اربع جي ڏينهن، ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن جي فورتھ فيز جي بجلي ڪيبل فالٽ سبب معطل ٿي وئي هئي، ڪيبل فالٽ سبب ٽي پمپ بند ٿيڻ ڪري شهر کي 210 ملين گيلن پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو.

پهنجو تبصرو موڪليو