ڊگهي مدي لاءِ اسٽي آرڊر عدالتي نظام جي نااهلي ظاهر ڪري ٿو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس بابر ستار چيو آهي ته ڊگهي مدي لاءِ منع نامو عدالتي نظام جي نااهلي ظاهر ڪري ٿو.اسلام آباد ۾ تقريب سان خطاب ڪندي جسٽس بابر ستار چيو ته منع نامي سبب ٽيڪس ۽ ٻيا مالياتي معاملا دير جو شڪار ٿي ويندا آهن.هن چيو ته عدالتن سامهون کربين رپين جي ٽيڪس جون دعوائون ۽ ٻيا مالياتي ڪيس ڦاٿل آهن، ڪيسن جو مئنيجمينٽ سسٽم اهڙي ريت استعمال ٿيڻ گهرجي ته ٻڌڻي هيٺ ڪيسن تي تيز رفتاري سان فيصلا ٿي سگهن.سندس چوڻ هو ته عدليا کي ٻين ادارن جي معاملن ۾ گهلڻ بدران خاص معاملن کي بهتر گورننس ذريعي انتظامي سطح تي حل ڪري سگهجي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو