ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت جي اطلاعات کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز محمد سليم خان اڄ 35 سال، 6 مهينا ۽ 19 ڏينهن جي سرڪاري ملازمت کان بعد رٽائر ٿي ويا. محمد سليم خان جولاءِ 1989 ۾ اطلاعات کاتي ۾ انفارميشن آفيسر جي حيثيت سان ڪم شروع ڪيو. پنهنجي ڊگهي ڪيريئر دوران، هن ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز سنڌ، 6 گورنرن جي پريس سيڪريٽري، سنڌ جي گورنر جي پبلڪ رليشنز آفيسر، سنڌ جي وڏي وزير جي پبلڪ رليشنز آفيسر، ڊائريڪٽر پريس انفارميشن، ڊائريڪٽر ايڊمن اينڊ اڪائونٽس، ڪيترن ئي وزيرن ۽ صلاحڪارن جي پبلڪ رليشنز آفيسر طور تي خدمتون سرانجام ڏنيون. ان دوران، محمد سليم خان پنهنجي دوستن ۽ کاتي جي آفيسرن ۽ عملي پاران واٽس ايپ ۽ ٽيليفون ذريعي ذاتي طور تي مستقبل لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو.










