ڊي آءِ خان (ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخواهه جي ڊيرا اسماعيل خان ضلعي ۾ امن ڪميٽي جي سربراهه نور عالم محسود جي گهر تي ٿيل هڪ مبينا خودڪش ڌماڪي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن.پوليس موجب، ڊيرا اسماعيل خان ۾ قريشي موڙ جي ويجهو هڪ ڌماڪو ٿيو ۽ شروعاتي رپورٽن موجب، ڌماڪو خودڪش ڌماڪو لڳي ٿو.ڌماڪي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن ۽ انهن کي اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي.پوليس موجب، ڌماڪو هڪ شادي جي تقريب دوران ٿيو. ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن مان پنجن کي ڊي ايڇ ڪيو ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي.










