ڊسٽرڪٽ بار تي ملاڻو گروپ بنا مقابلي ڪامياب قرار

سکر( رپورٽ امداد علي گل ڪلوڙ )ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جون ساليانيون چونڊون ٿيون، جنهن ۾ ناليواري وڪيل قربان ملاڻو جو حمايت يافته پروگريسو لائيرز فورم جا سمورا اميدوار پنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا. ايڊووڪيٽ سيد نويد شاهه صدر ۽ ائڊووڪيٽ سندر خان چاچڙ جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويا وڪيل برادري طرفان اليڪشن کٽي آيل اميدوارن کي مبارڪباد پيش ڪئي وئي. پروگريسو لائيرز فورم جي مقابلي ۾سيد ظفر علي شاهه ۽ غلام مصطفي ڀنڀيرو جو پينل هو جن پروگريسو پينل جي حق ۾ هٿ کنيو. جنهن بعد اليڪشن ڪميشر طرفان پروگريسو لائيرز فورم جي اميدوارن کي بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنو ويو. مٿي ڄاڻايل صدر ۽ جنرل سيڪريٽري کانسواءِ ڪاميابي حاصل ڪندڙن ۾ نائب صدر امام بخش مهر ، جوائنٽ سڪريٽري فيصل شمس شيخ , لائيبريري سيڪريٽري شهباز حفيظ شاهاڻي. خزانچي اياز علي شيخ ۽ ميمبر مينيجمنٽ ڪاميٽي ۾ آصف جوڻيجو ، اعجاز نائچ ، سعيد قريشي ، دانش عثمان غني ، محمد دائود چوهاڻ ، نويد قمر ، وليد رشيد شيخ ڪامياب ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو