ڊاڪٽر آڪاش ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، پٽ ۽ ڊرائيور گرفتار

ڊاڪٽر آڪاش ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، پٽ ۽ ڊرائيور گرفتار

حيدرآباد: (ن س ) گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي فوت ٿي ويل سنڌ جو مشهور مزاحمتي شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي. آڪاش انصاري جي پٽ لطيف آڪاش ۽ ڊرائيور کي گرفتار ڪري کين حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي.ياد رهي ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري حيدرآباد جي سٽيزن ڪالوني واري گهر ۾ سڙي فوت ٿي ويو هو، آڪاش انصاري کي بدين ۾ جنازي نماز کان پوءِ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي ڪيل شاعري ۾ اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا ۽ ڪيئن رهان جلا وطن شامل آهن جڏهن ته هن کي شيخ اياز ۽ استاد بخاري کان پوءِ جديد سنڌي شاعري ۾ سڀني کان وڌيڪ عوامي مشهوري ماڻيندڙ شاعر به چيو ويندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو