ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اڄ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن جي شروعات تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قدر ۾ ڪجهه پئسن جي گهٽتائي ٿي آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 30 پئسا سستو ٿيڻ بعد 286 رپيا 20 پئسا ٿي ويو.گذريل انٽر بئنڪ سيشن ۾ ڊالر 286 رپيا 50 پئسا تي بند ٿيو. ان دوران پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروباري هفتي جي شروعات ۾ مثبت رجحان ڏٺو ويو جيڪو بعد ۾ منفي ٿي ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 160 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 56 هزار 902 جي سطح تي اچي ويو.100 انڊيڪس گذريل ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن تي 57,63 پوائنٽس تي بند ٿيو.
