ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڊالر سستو ٿيڻ بعد ڊالر 290 رپين کان به هيٺ اچي ويو.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر هڪ رپيو 16 پئسا سستو ٿي 289 رپيا 70 پئسا ٿي ويو.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 17 رپيا 40 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي جڏهن ته انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت بلند ترين سطح کان وڌي وئي آهي.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 290 رپيا 86 پئسا تي هو.ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر هڪ رپيو سستو ٿيڻ بعد 292 رپيا ٿي ويو آهي. ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار دوران ملا جلا رجحان ڏٺو پيو وڃي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 27 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 46 هزار 366 تي بند ٿي ويو.ڪالهه 100 انڊيڪس 46 هزار 393 پوائنٽس تي بند ٿيو.
