ڊالر 286 رپيا 50 پئسا ٿي ويو، اسٽاڪ مارڪيٽ مثبت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آمريڪي ڊالر جي اگهه ۾ واڌ هڪ ڀيرو ٻيهر جاري آهي، انٽر بئنڪ تي اڄ ڪاروبار دوران آمريڪي ڊالر وڌيڪ مهانگو ٿي ويو.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 11 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد 286 رپيا 50 پئسا ٿي ويو.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 286 رپيا 39 پئسا تي بند ٿيو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ به مثبت ڪاروباري رجحان ڏٺو پيو وڃي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 376 پوائنٽن جي واڌ سان 54 هزار 112 تي پهچي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي 100 انڊيڪس 53 هزار 735 پوائنٽس تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو