ڊالر 286 رپيا 50 پئسا، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مثبت رجحان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر اڄ شروعاتي واپار ۾ انٽربينڪ تي وڌيڪ گهٽجي ويو.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر هڪ رپيو 24 پئسا سستو ٿيڻ بعد 286 رپيا 50 پئسا ٿي ويو. گذريل سيشن ۾، ڊالر 287 رپيا 74 پئسا تي بند ٿيو. ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ مثبت ڪاروبار جو رجحان ڏٺو پيو وڃي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 393 پوائنٽس وڌي 46625 تي پهچي ويو. 100 انڊيڪس گذريل ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن تي 46,232 پوائنٽس تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو