ڊالر 283 رپيا 60 پئسا ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مثبت رجحان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات تي آمريڪي ڊالر ڪجهه پئسا سستو ٿي ويو.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 30 پئسا سستو ٿيڻ بعد 283 رپيا 60 پئسا ٿي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 283 رپيا 90 پيسا تي هو. ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ مثبت ڪاروباري رجحان ڏٺو پيو وڃي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 364 پوائنٽن جي واڌ سان 66 هزار 376 تي پهچي ويو.ڪالهه انڊيڪس 66 هزار 12 پوائنٽس تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو