ڊالر 277 رپيا 55 پئسا ٿي ويو، اسٽاڪ ايڪسچينج عروج تي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)رپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر هڪ رپيو 3 پئسا سستو ٿيڻ کانپوءِ اڄ 277 رپيا 55 پئسا ٿي ويو آهي.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 58 پيسا تي هو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ به ڪاروبار مثبت انداز ۾ جاري رهيو، جتي 100 انڊيڪس 49 هزار جي حد عبور ڪري ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 292 پوائنٽس وڌي 49640 تي پهچي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي 100 انڊيڪس 48 هزار 771 پوائنٽس تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو