ڊالر 17 پئسا سستو، ايڪسچينج ۾ مثبت رجحان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات تي ڊالر جي قدر ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿي آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 17 پئسا سستو ٿي 281 رپيا 50 پئسا ٿي ويو. ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 281 رپيا 67 پئسا تي هو. ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ مثبت ڪاروباري رجحان ڏٺو پيو وڃي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 303 پوائنٽن جي واڌ سان 64 هزار 942 تي پهچي ويو.ڪالهه، انڊيڪس 64,639 پوائنٽن تي بند ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو