ڊالر سستو، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 277.87 پوائنٽ جي گهٽتائي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اڄ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن انٽر بئنڪ ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ 10 پئسا گهٽتائي ٿي آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 10 پئسا سستو ٿيڻ بعد 281 رپيا 30 پئسا ٿي ويو.گذريل ڪاروباري هفتي جي پڄاڻي تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 281 رپيا 40 پيسا تي هو.ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ نئين ڪاروباري هفتي جي شروعات مثبت انداز ۾ ٿي آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 300 پوائنٽن جي واڌ سان 64,815 تي پهچي ويو.گذريل ڪاروباري هفتي جي آخر ۾ 100 انڊيڪس 64,514 پوائنٽس تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو