چين ۾ قرض وٺڻ لاءِ نه پر ڪاروبار لاءِ آيو آهيان: شهباز

شيزن (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته چين ۾ قرض وٺڻ لاءِ نه پر ڪاروبار ۽ ترقيءَ لاءِ آيو آهيان، پاڪستان کي پاڻ ڀرو ڪرڻ لاءِ سموريون توانائيون استعمال ڪنداسين، پاڪستان ۾ چيني شهرين جو تحفظ يقيني بڻايو ويندو، وزيراعظم شهباز شريف جو چيني شهر شنزين ۾ پاڪ چائنا بزنس فورم کي خطاب، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ لاءِ بزنس فورم قائم ڪيو ويو، حڪومت ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ آءِ ٽي، زراعت ۽ معدني وسيلن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا بي انتها موقعا آهن، ايس آءِ ايف سي ڪاروباري شعبي ۽ سيڙپڪارن جي حوصلا افزائي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي وفد سوڌو 5 ڏينهن جي دوري تي چين پهتل آهي، وزيراعظم پاڪ چائنا بزنس فورم کي خطاب کان اڳ چيني ڪمپني ترانشين هولڊنگس جي باني زو زائو جيانگ سان ملاقات به ڪئي

پهنجو تبصرو موڪليو