چيمبرز آف ڪامرس جي وفد جون محمد بخش مهر کي شڪايتون

چيمبرز آف ڪامرس جي وفد جون محمد بخش مهر کي شڪايتون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اينٽي ڪرپشن وزير محمد بخش مهر چيو آهي ته واپارين جا سڀئي مسئلا حل ڪيا ويندا، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ڪرپشن خلاف سٺو ڪم ڪيو آهي. محمد بخش مهر فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ايف پي سي سي آءِ) جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي هڪ وفد سان ملاقات ڪئي آهي. اجلاس ۾ مختلف کاتن سان لاڳاپيل ڪاروباري شخصيتن ۾ ڪرپشن جي مسئلن تي بحث ڪيو ويو.ملاقات دوران، وفد مختلف کاتن خلاف شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا.ايف پي سي سي آءِ وفد جي سربراهه رضوان عمر جعفر چيو ته مختلف کاتن ۾ جائز ڪم لاءِ به پئسا گهريا پيا وڃن.ان تي صوبائي وزير ايف پي سي سي آءِ جي وفد کي مسئلن کي حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو.محمد بخش مهر چيو ته جيڪڏهن ملوث آفيسرن خلاف شڪايت ملي ته بروقت ڪارروائي ڪئي ويندي، هن وڌيڪ چيو ته اينٽي ڪرپشن کي ڊجيٽلائيزيشن ڏانهن وڌايو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو