لاڙڪاڻو (ن س) لاڙڪاڻي ڊويزن جي پنجن ئي ضلعن سميت دادو ضلعي جي ٻن تعلقن ۾ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا ساليانا امتحان شروع ٿي ويا آهن. تعليمي بورڊ طرفان پهرين ڏينهن نائين جماعت جي سنڌي جو پرچو ورتو ويو. ان سلسلي ۾ تعليمي بورڊ جي چيئرمين خالد حسين مهر اسسٽنٽ ڪمشنر راجا خان قريشي، انسپيڪٽر آف انسٽيٽوٽ احمد خان ڇٽو، ڊپٽي ڪنٽرولر عبيدالله نوناري، وسيم سيال، جاويد سومرو سان گڏجي شهر جي گورنمينٽ ميونسپل اسڪول، گورنمينٽ پائيلٽ، گرلس هاءِ اسڪول، گرلس ماڊل هاءِ اسڪول ۾ قائم امتحاني سينٽرن جو دورو ڪيو جتي هن امتحانن جو جائزو وٺندي پرنسپال، انٽرنل ۽ ايڪسٽرنل سپريٽيڊنٽس کان معلومات ورتي ۽ کين هدايت ڪئي ته امتحاني سينٽرن ۾ موبائيل فون کڻي تي مڪمل پابندي لڳائي ڪاپي روڪڻ لاءِ جوڳا انتظام ڪيا وڃن ٻي صورت سخت ڪاروائي ڪئي ويندي. ان موقعي تي چيئرمين تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو خالد حسين مهر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 181 امتحاني سينٽر ٺاهيا ويا آهن جنهن ۾ هڪ لک 12 هزار کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون حصو وٺي رهيون آهن، امتحانن دوران سمورن امتحاني سينٽرن ۾ بهتر نموني امتحان هلي رهيا آهن ان لاءِ منهنجي ڪالهه ڪمشنر لاڙڪاڻو سان ملاقات ٿئي جنهن سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايتون ڏنيون ته امتحانن دوران تعليمي بورڊ سان مڪمل سهڪار ڪيو وڃي ان لاءِ اسان هڪ ڪمپلين سيل به ٺاهيو ويو آهي جنهن ۾ ڪمشنر طرفان اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو کي پنهنجو نمائندو مقرر ڪيو ويو آهي جنهن سان گڏجي مختلف امتحاني سينٽرن جا دورا ڪري رهيا آهيون.










