چوڌري نثار جو ڀرپور طريقي سان اليڪشن وڙهڻ جو اعلان

چوڌري نثار جو ڀرپور طريقي سان اليڪشن وڙهڻ جو اعلان

ڪلر سيدن(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان ايندڙ چونڊن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.روات ويجهو جلسي کي خطاب ڪندي اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر چيو ته عوام هاڻي پنهنجا ڊاپر کڻي وڃي، مان اليڪشن وڙهندس ۽ اليڪشن کانپوءِ فيصلو ڪندس ته ڪهڙي پارٽي ۾ شامل ٿي ويندس،چوڌري نثار چيو ته مان گالم گلوچ واري موجوده سياست جو حصو ٿيڻ نٿو چاهيان، هن چيو ته مان گذريل 4 سالن کان خاموش هوس پر هاڻي قومي اسيمبلي جي ٻنهي تڪن تان چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، عوام تيار ٿي وڃي هن ڀيري نئين انداز ۾ اليڪشن وڙهڻي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو