چنگچي ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٻارڙي فوت 3 ڄڻا زخمي

چنگچي ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٻارڙي فوت 3 ڄڻا زخمي

نئون ديرو (رپورٽ شاد محمود ڀٽو)نئون ديرو لڳ چنگچي ۽ موٽر سائيڪل ۾ زوردار ٽڪر هڪ ننڍڙي نينگري فوت 3 ٻيا زخمي، زخمين کي نئون ديرو جي سرڪاري اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ٿاڻي جي حد ۾ ڊبل روڊ سامهون ٽيوب ويل واري مقام ٿي نئون ديرو جي محلي غريب آباد جي رهواسي علي حسن پٽ لعل بخش ميراڻي،راحيله ڌي علي حسن ميراڻي ، لعل بخش پٽ محمد جڙيل ميراڻي ۽ مسمات غلام فاطمه ميراڻي سخت زخمي ٿي پيا جڏهن ته 5 مهينن جي نينگري راحيله ڌيء علي حسن ميراڻي ٿڏي تي ئي فوت ٿي وئي هوڏانهن چنگچي وارو جاء واردات تان فرار ٿي ويو ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پوليس زخمين کي نئون ديرو سرڪاري اسپتال ۾ آندو جتي سندن کي طبي امداد ڏئي گهر ڏانهن روانو ڪيو ويو ۽ فوت ٿيل ننڍڙي نينگري جو لاش گهر منتقل ڪيو ويو جتي لاش گهر پهچڻ تي روڄ راڙو پئجي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو