چمن ۽ لاهور ۾ کنڊ سستي لڳي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)چمن ۾ سنڌ جي شگر ملن مان ڪمند جو سرڪاري ڪوٽا مارڪيٽ ۾ پهچايو ويو آهي، جنهن کانپوءِ ڪمند جي اگهه ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي.ڊيلرز ايسوسيئيشن موجب چمن جي هول سيل مارڪيٽ ۾ کنڊ 170 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي.ڊيلرز جو چوڻ آهي ته کنڊ جو پرچون اگهه 185 کان 190 رپيا في ڪلو تائين آهي، پراڻا ذخيرا گهٽ هجڻ سبب دڪاندار نقصان کي منهن ڏئي رهيا آهن.ڊيلرز ايسوسي ايشن جو چوڻ آهي ته پرچون فروش گهٽ اگهه تي خريد ڪيل کنڊ وڪڻڻ لاءِ تيار نه آهن.ٻئي طرف لاهور ۾ کنڊ 180 کان 195 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي، جڏهن ته کنڊ جو سرڪاري اگهه 98 رپيا 25 پئسا في ڪلو رکيو ويو آهي. لاهور ۾ اٽي جو 10 ڪلو ٿيلهو 1420 رپيا ۽ اٽي جو 20 ڪلو ٿيلهو 2700 کان 2850 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو