افغان فورسز جي چمن جي شهري آبادي تي فائرنگ، هڪ فوت 14 زخمي

افغان فورسز جي چمن جي شهري آبادي تي فائرنگ، هڪ فوت 14 زخمي

چمن (ويب ڊيسڪ) پاڪ افغان سرحد تي پاڪستاني ۽ افغان فورسز وچ ۾ ٻيهر جهڙپون ٿيون آهن، ڊپٽي ڪمشنر چمن عبدالحميد زهري موجب سرهد پار کان ٿيل حملن جي نتيجي ۾ هڪ شخص فوت ۽ عورتن سميت 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. سڪيورٽي اهلڪارن موجب پاڪ افغان سرحدي ڳوٺ شيخ لعل محمد ۾ پاڪستاني ۽ افغان سرحدي فورسز وچ ۾ چڪريون ٿيون آهن، جنهن ۾ افغان فورسز هڪ ڀيرو ٻيهر شهري آبادي کي نشانو بڻايو آهي. ليويز اهلڪارن جو چوڻ آهي ته بوگرا آرڪسٽم هائوس واري علائقي ۾ توپن جا ڪيترائي گولا فائر ڪيا ويا، جنهن بعد شهرين کي مال روڊ، بوگرا روڊ، بائي پاس ۽ بارڊر روڊ خالي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، سيڪريٽري صحت بلوچستان صالح محمد ناصر جو چوڻ آهي ته ڪوئيٽا جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، سول، بي ايم سي اسپتال ۽ ٽراما سينٽر ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.صحت واري سيڪريٽري موجب، جنرل سرجن، آرٿوپيڊڪ سرجن، اينسٿيزيا اسپيشلسٽ ۽ ٻيو عملو چمن ڏانهن اماڻيو ويو آهي، ڪنسلٽنٽس، ڊاڪٽرز، فارماسسٽ، اسٽاف نرسز ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي به اسپتالن ۾ طلب ڪيو ويو آهي.اختيارين جو چوڻ آهي ته افغان فورسز جي جارحيت تي پاڪستاني فورسز به ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي ۽ هٿيارن جو استعمال ڪيو. اختيارين موجب شيخ لعل محمد سيڪٽر ۾ ٻيڙيءَ جي مرمت تي افغان فورسز جي مداخلت کانپوءِ ڇڪتاڻ شروع ٿي وئي، جنهن دوران بارڊر هاءِ وي تي گولا لڳڻ سبب هڪ موٽر سائيڪل سوار زخمي ٿي پيو، جڏهن ته عورتن ۽ ٻارن سميت 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڪيترن ئي گهرن ۾ گوليون لڳڻ سبب ماڻهو زخمي ٿي پيا. پوليس موجب علائقي ۾ ڇڪتاڻ سبب بارڊر روڊ، مال روڊ ۽ بوگرا روڊ تي سخت ٽريفڪ جام آهي، جڏهن ته ڪسٽم هائوس ۽ ڪراچي ڪوچ ٽرمينل کي خالي ڪرايو ويو آهي. ٻئي پاسي افغانستان جي دفاع واري وزارت جي ترجمان پاڪستان تي اڳرائي جو الزام هنيو آهي. ذريعن موجب پاڪستاني فوج جي فائرنگ ۾ افغانستان واري پاسي 5 ڄڻا مارجي ويا آهن ۽ 14 زخمي آهن. ياد رهي ته هڪ مهينو اڳ افغانستان مان باب دوستي تي فائرنگ ۾ هڪ پاڪستاني فوجي شهيد ۽ 2 زخمي ٿيا هئا. جنهن بعد پاڪستان گيٽ بند ڪيو هو ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ رڪجي ويو هو، افغانستان جي حڪومت پاران معذرت ۽ اهڙا واقعا ٻيهر نه ٿيڻ جي خاطري بعد 22 نومبر تي ٽريڊ کوليو ويو هو. 4 ڏينهن اڳ افغانستان جي فوج پاران وري ڀڃڪڙي ڪندي فائرنگ ڪئي وئي هئي جنهن ۾ 7 شهري مارجي ويا هئا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو