ميرپور ماٿيلو(ن س) گهوٽڪي جي ايڊيشنل سيشن جج II سميع الله قريشي ميرپور ماٿيلو واسي شاهزيب ولد محمد امان الله گِل کي پنهنجي ڀيڻويئي کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش جي ڏوهه ۾ 7 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي آهي. ملزم 2019 ۾ پنهنجي وڏي ڀيڻ جي مڙس کي گهرو تڪرار تان گوليون هڻي زخمي ڪيو هو. سندس ڀيڻ عدالت ۾ ڏنل بيان ۾ کيس معاف نه ڪرڻ جو بيان ڏنو هو. مدعي اعجاز احمد کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ 7 سال قيد ۽ 50 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. ڏنڊ نه ڀرڻ تي 6 مهينا وڌيڪ قيد ڪاٽيندو. جڏهن ته گوليون هڻي زخمي ڪرڻ جي ڏوهه ۾ کيس 3 سال قيد ۽ هڪ لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. هن قلم ۾ ڏنڊ نه ڀرڻ تي هڪ مهينو واڌو قيد ڪاٽيندو. هي ڪيس مير پور ماٿيلو ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو. جوابدار ڪافي وقت کان روپوش هو، عدالتي حڪم تي کيس گرفتار ڪيو ويو.
