ڀلوال (ويب ڊيسڪ)ڀلوال جي ويجهو ميلووال ۾ ٽرڪ اونڌي ٿيڻ سبب چار ماڻهو فوت ٿي ويا.ريسڪيو عملدارن موجب حادثي ۾ اٺ ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن.اختيارين جو چوڻ آهي ته لاشن ۽ زخمين کي ٽي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ٽرڪ ۾ چارا ڀريل هو ۽ ان ۾ 12 مزدور سوار هئا.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، جڏهن ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.










