ڀارت ۾ مذهبي نفرت ٻه قومي نظريي جي صداقت ثابت ٿي:وزيراعظم

ڀارت ۾ مذهبي نفرت ٻه قومي نظريي جي صداقت ثابت ٿي:وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)قائداعظم محمد علي جناح جي سالگرهه جي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڀارت ۾ وڌندڙ مذهبي نفرت ٻن قومي نظريي جي صداقت کي ثابت ڪري ٿي.قائد اعظم جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته قائد اعظم جي اصولن تي عمل ڪرڻ ئي کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو آهي، قائد جي سونهري اصولن تي عمل ڪري ئي پاڪستان کي فلاحي رياست بڻائي سگهجي ٿو.وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته اڄ قوم کي قائداعظم جي ڏنل اصولن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان کي اندروني انتشار ختم ڪري ملڪ جي ترقي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻو پوندو.شهباز شريف چيو ته قائداعظم جي زندگي اصولن، آئيني جدوجهد ۽ سياسي بصيرت جي عڪاسي آهي، قائداعظم جي زندگي ايمان، اتحاد ۽ تنظيم جي سونهري اصولن جو عملي مثال آهي.پاڪستان جي وزيراعظم پنهنجي پيغام ۾ اهو به چيو ته ڀارت ۾ وڌندڙ مذهبي نفرت ٻن قومي نظريي جي صحيح ثابت ٿئي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو