لکنئو(ويب ڊيسڪ) انگلينڊ جي پوري ٽيم 34.5 اوورن ۾ 129 رنز تي ڍير ٿي وئي ۽ ڀارت آسان ٽارگيٽ وارو ميچ 100 رنز تان کٽي ورلڊ ڪپ م پنهنجو ناقابل شڪست رهڻ جو رڪارد برقرار رکيو آهي. ليم لونگ اسٽون 27 رن اسڪور ڪري ٽاپ اسڪورر رهيو، جوني بيئر اسٽوو 14، ڊيوڊ ملن 16، جو روٽ، بن اسٽوڪ ۽ مارڪ ووڊ زيرو تي آئوٽ ٿيا، جو بٽلر 10، معين علي 15، ڪرس ووڪس 10، ڊيوڊ ولي 16 ۽ عادل رشيد 13 رنز اسڪور ڪيون. محمد شامي 4، بمرا 3، سراج 2 ۽ جديجا هڪ وڪيٽ ورتي. ان کان اڳ آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي 29هين ميچ ۾ ڀارت انگلينڊ کي کٽڻ لاءِ 230 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. لکنؤ جي برسبيو ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ انگلينڊ جي ڪپتان جوز بٽلر ٽاس کٽي ڀارت کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني. ڀارت مقرر 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 229 رنسون ٺاهيون، ڪپتان روهت شرما 87 رنسون ٺاهي نمايان رهيو. ڀارت طرفان روهت شرما ۽ شبمن گل اننگز جي شروعات ڪئي پر 26 جي مجموعي اسڪور تي شبمن گل 9 رنسون ٺاهي بولڊ ٿي ويو، جڏهن ته ويرات ڪوهلي به 9 بالن تي بنا رن ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو. ڀارت جو ٽيون آئوٽ ٿيڻ وارو رانديگر شرياس آئر هو جيڪو مارڪ ووڊ طرفان ڪرس ووڪس جي بال تي 4 رنسن تي ڪيچ ٿيو جڏهن ته بليو شرٽس کي چوٿون نقصان 131 رنسن تي ٿيو جڏهن ڪي ايل راهول 39 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو. ان کان علاوه ڀارتي ڪپتان روهت شرما 87 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو، جڏهن ته سوريا ڪمار ياديو 49 رنسون ٺاهي ۽ جسپريت بمرا 16 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. جڊيجا 8 ۽ محمد شامي 1 رنسون ٺاهيون، ڪلديپ ياديو 9 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ڀارتي ٽيم شروع کانب ئي دٻاءَ ۾ هئي. هن وقت تائين ڀارت پنج ميچ کيڏيا جيڪي سڀ کٽيا آهن. انگلينڊ پنجن مان 4 ميچ هارايا آهن ۽ پوائنٽ ٽيبل تي آخر ۾ آهي.
