ڀارت دنيا ۾ اڪيلو ٿي ويو آهي، کيس تاريخي شڪست ملي:شرجيل ميمڻ

ڀارت دنيا ۾ اڪيلو ٿي ويو آهي، کيس تاريخي شڪست ملي:شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سڄي پاڪستاني قوم متحد ٿي پنهنجي تاريخي فتح جو جشن ملهائي رهي آهي، پيپلز پارٽي پاران به تقريبات جو سلسلو جاري آهي، اڄ به حيدرآباد ۾ هڪ ريلي نڪري رهي آهي، سڀاڻي به سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي پاران مختلف تقريبات جو اهتمام ڪيو ويو آهي. پاڪستان هميشه دهشتگردي خلاف فرنٽ فوٽ تي مقابلو ڪندو رهيو آهي، دهشتگردي سان پاڪستان وڙهندو رهيو آهي جنهن جو فائدو ڀارت کي ٿي رهيو هو. ڀارت ۽ دهشتگرد تنظيمون ممڪن آهي ته گڏيل مفادن سان ڳنڍيل هجن، جيڪي مغربي ملڪن جي دهشتگردي خلاف ڪوششن کي ڪمزور ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ ۾ فائدي مند ٿي سگهن ٿيون. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته دهشتگرد ڀارت دهشتگردي کي بنياد بڻائي پرامن پاڪستان تي جنگ مڙهي، جنهن جو پاڪستان ڀرپور جواب ڏنو، ڀارت هن وقت سڄي دنيا ۾ اڪيلو ٿي ويو آهي، ڀارت کي تاريخي شڪست ملي آهي، جيڪا ڀارت لاءِ هڪ تاريخي سبق آهي. پاڪستان جي هٿياربند فوج، خاص طور تي پاڪ فضائيه جي شاهينن، اهڙو ڪارنامو انجام ڏنو آهي جنهن تي سڄي قوم کي فخر آهي. پاڪستاني شاهينن جيڪا بهادري سان ڀارتي جهازن سان ورتي، جن تي ڀارت کي غرور هو، انهن جو جيڪو حشر ڪيو ويو، اهو سڄي دنيا ۾ هڪ مثال بڻجي ويو آهي. اڄ سڄي دنيا ۾ انهن جهازن جي تباهي جو چرچو ٿي رهيو آهي. هن جنگ ۾ پاڪستان ڀارت جي رافيل ۽ ميگ 29 جهازن جو غرور ٽوڙي ڇڏيو، 84 اسرائيلي ٺهيل ڊرونز ڪيرايا ويا. رافيل جهازن جي تباهي دهشتگرد ڀارت جي فضائي برتري تي بين الاقوامي سطح تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. هن چيو ته الحمدالله جنگ بندي کان پوءِ پاڪستان ڀارت تي سفارتي سطح تي برتري حاصل ڪئي. عالمي ميڊيا رپورٽ ڪيو ته ڀارت جنگ بندي لاءِ پهريون قدم کنيو، جنهن سان پاڪستان کي سفارتي فائدو حاصل ٿيو. پاڪستان دوست ملڪن جي حمايت حاصل ڪئي، عالمي تجزئي نگارن هن جنگ کي پاڪستان جي عسڪري ۽ سفارتي ڪاميابي قرار ڏنو. دي نيشنل انٽرسٽ ان کي پاڪستان جي واضح فتح قرار ڏني. فنانشل ٽائيمز لکيو ته جنگ بندي پاڪستان کي سفارتي برتري ڏني. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پهلگام واقعي تي پاڪستان عالمي سطح تي غير جانبداراڻي ۽ منصفاڻين جاچ جي آڇ ڪئي، بغير ڪنهن ثبوت جي ڀارت انتهائي انتهاپسنداڻو قدم کنيو. نريندر مودي برصغير جي ڏيڍ ارب ماڻهن جون حياتيون خطري ۾ وجهي ڇڏيون. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مودي کي گجرات جو ڪاسائي، ڪشمير جو ڪاسائي سڏيو، جيڪو سچ هو، پر هاڻ مان چوندس ته نريندر مودي “ڏکڻ ايشيا جو ڪاسائي” آهي. جنهن جنگ جي شروعات مودي ڪئي، ان جا انتهائي خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن پيا. هن چيو ته مودي پاڪستان تي جنگ مڙهي، مودي ڊگهي جنگ جو خواهشمند هو، جنهن سان هو پاڻ کي ايشيائي شير ثابت ڪرڻ چاهيو پيو، پر ان کي بُري ناڪامي ملي. پاڪستان واضع طور چيو ته جيڪڏهن توهان شروعات ڪندؤ ته انجام اسان ڪنداسين، ۽ هدف ۽ وقت اسان جي مرضي جو هوندو، ۽ پاڪستان اهو ڪري ڏيکاريو. ڀارت شروع ۾ ئي معصوم شهرين کي نشانو بڻايو، جنهن جي جواب ۾ پاڪستاني شاهينن ڀارتي جهازن کي چونڊي چونڊي نشانو بڻايو، جنهن جي مثال دنيا ۾ نه ملي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مودي جو ماضي ان ڳالهه جو شاهد آهي ته هو واقعن کي انصاف ڏيارڻ يا اندورني احتساب جي عمل بدران سياسي فائدن لاءِ استعمال ڪري ٿو. اسان هڪ پرامن قوم آهيون ۽ صدر ٽرمپ جي امن ڪوششن کي ڀليڪار ڪريون ٿا. ٻي طرف، ڀارت آمريڪي صدر جي شاندار ڪردار کي قبول به نه ڪيو. رڳو ايترو نه، هن صدر تي ان ڪري تنقيد ڪئي جو هن ڀارت کي فوجي طاقت جي جنون کان روڪيو. جيڪو به مودي جي جنگي جنونيت جي مخالفت ڪري ٿو، اهو سندس دشمن آهي. عالمي برادري لاءِ هاڻ اهو صاف ٿي چڪو آهي ته امن جو اصل دشمن ڪير آهي. پاڪستان امن چاهي ٿو، مودي نفرت پيدا ڪري ٿو ۽ ان کي برآمد ڪري ٿو. هن چيو ته ڀارت دهشتگردي خلاف جنگ جو اصل فائدو وٺندڙ ملڪ آهي. نائن اليون کان پوءِ خود اراديت واري حق جي جائز جدوجهد کي دهشتگردي قرار ڏيڻ سان سڀ کان وڌيڪ فائدو ڀارت کي ٿيو آهي. ڀارت ڊگهي عرصي کان دهشتگردي جي واقعن کي پنهنجي نفرت تي ٻڌل اسٽريٽجڪ مقصدن جي حصول لاءِ استعمال ڪيو آهي. پهلگام واقعي کان پوءِ هن سنڌ طاس معاهدو معطل ڪيو ۽ بالاڪوٽ کان پوءِ آرٽيڪل 370 ۽ 35A ختم ڪري ڇڏيا. ڀارت ڪشميرين کي انهن جي ڏهاڪن جي جدوجهد باوجود نظرانداز ڪيو ۽ پوئتي ڌڪيو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سڀئي پاڙيسري ملڪ ڀارت …

پهنجو تبصرو موڪليو