ڀارتي گيت پسند اٿم، ٻار ٻڌن ٿا پر زال نه ٿي ٻڌي، مروت

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جو اڳواڻ شير افضل مروت هڪ ڀارتي گيت جو مداح نڪتو. هڪ انٽرويو ۾ ميزبان جي فرمائش تي شير افضل موڊ ۾ اچي ويو ۽ چيو ته کيس انڊين گانو ”برسات ڪي موسم ۾ گهر سي نڪل آيا اصر بوتل ڀي اٺا لايا“ ڏاڍو پسند آهي، هن موڊ ۾ ايندي روح سان گانو ڳائڻ شروع ڪيو. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته منهنجا ٻار ته هي گيٽ ٻڌندا آهن پر زال نه ٻڌندي آهي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جي گاني ڳائڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن تي صارفين دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو