ڀ، ف، ڪ، ح ۽ هه سان شروع ٿيندڙ نالن وارا خبردار

عمرڪوٽ ( ن س) نالي واري علم نجوم جي ماھر ڀگوانداس پيشنگوئي ڪئي آھي ته ڀ،  ف، ق، ڪ، ح ۽ ھ ، جي حرفن سان شروع ٿيندڙ نالن وارن ماڻهن کي 15 ڊسمبر کان 15 فيبروري تائين احتياط ڪرڻ گهرجي. هندي ايسٽرولوجي جو مستند ڪتاب سمجهو ويندڙ لال ڪتاب جي آڌار تي سندس چوڻ آهي ته اهي ماڻهو ڄاڻايل عرصي دورن ڪنهن به تڪرار، ڏيتي ليتي، لکپڙهه، ضمانت، شاهدي ۽ جذبات کان پاسو ڪن. هن جو چوڻ آهي ته مٿي ڄاڻايل حرفن وارن نالن وارن جي خرچن ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو ۽ زهني دٻاءَ جو به شڪار ٿي سگهن ٿا. ڇو ته سندن نالن وارن خانن ۾ ان عرصي دوران مريخ جي نظر رهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو