ٿر ايجوڪيشن الائنس پاران هڪ ڏينهن جو سائنسي ميلو منعقد

مٺي(لياقت نهڙيو) ٿر ايجوڪيشن الائنس ميونسپل ڪاميٽي مٺي پاران هڪ ڏينهن جو سائنسي ميلو منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ ضلعي جي مختلف اسڪولن جي شاگردن حصو ورتو ۽ سائنسي ماڊل پيش ڪيا. تقريري مقابلن، ٿيٽر، آرٽ جي مقابلي سميت مختلف سيشنن ۾ حصو ورتو تعليمي ميلي ۾ ڏهه هزار ٻارن شرڪت ڪئي.

انهي موقعي تي ميلي ۾ مختلف سجاڳي سيمينار پڻ رکيا ويا ۽ تعليمي ميلي ۾ حصو وٺندڙ شاگردن ۽ اسپيڪرن کي شيلڊون ڏنيون ويون هن ميلي ۾ چاليهه کان مٿي سائنسي اسٽال لڳايا ويا. سائنسي ميلي ۾ ايس ايس پي ٿر عبدالله يار، ميونسپل چيئرمين ڊاڪٽر منوج ملاڻي، پروفيسر ڀواني شنڪر، صنم نور، سشيل ملاڻي، ڀواني شنڪر سوني، مختيار ابڙو، عابد حسين، ڊي اي او ڪيولرام، دولترام، سي ايم او ابراهيم ڪنڀر، مانيٽرنگ آفيسر پرائيويٽ اسڪولز نويد سوڍو، ڪيلاش لوڍا، انور ساهڙ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

مختلف ماڊلز جا لڳل اسٽالن کي ڏسي تعليمي ميلي ۾ ڪشميري ڀائرن سان اظھار يڪجهتي لاءِ ملاڻي پمپ کان اسپورٽس گرائونڊ تائين ريلي ڪڍي وئي ۽ قومي جهنڊي کي سلامي ڏني وئي. انهي موقعي تي ٿر ايجوڪيشن جي سي اي او پرتاب شيواڻي،ڊاڪٽر منوج ملاڻي جو چوڻ ھو ته هي ميلو ٻارن ۾ چٽاڀيٽي سان گڏ سائنسي شين متعلق ڄاڻ حاصل ڪرڻ آھي هتي مختلف سيشن پڻ رکيا ويا آھن جنهن مان شاگرد موٽيويشنل اسپيڪرز کان انهن جي تجربي متعلق پڻ ڄاڻ حاصل ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو