ٿرپارڪر،شاهه محمود قريشي کي مور جو نشان الاٽ

ٿرپارڪر (ن س )ٿرپارڪر جي تڪ اين اي 214 تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوار شاهه محمود قريشي کي مور جو نشان الاٽ ڪيو ويو آهي.اين اي 214 تي پي ٽي آءِ اميدوار مهرالنساءَ کي هوائي جهاز جو نشان الاٽ ڪيو ويو آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي مور جو نشان الاٽ ڪيو ويو آهي.رٽرننگ آفيسر پاران جاري ڪيل فارم 33 موجب ٿرپارڪر جي 6 تڪن لاءِ 86 اميدوارن کي چونڊ نشان جاري ڪيا ويا آهن، جن ۾ اين اي 214 لاءِ 11 اميدوارن کي چونڊ نشان مليا آهن.اين اي 215 لاءِ 20، پي ايس 52 لاءِ 11، پي ايس 53 لاءِ 14، پي ايس 54 لاءِ 12 ۽ پي ايس 55 لاءِ 18 اميدوارن کي نشان الاٽ ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو